جاگيراڻي، سرتاج

جاگيراڻي، سرتاج

جاگيراڻي سرتاج

جاگيراڻي، سرتاج: سنڌ جي نوجوان شاعر سرتاج جاگيراڻيءَ جو جنم 15 نومبر 1966ع تي محمد نواز جاگيراڻيءَ جي گهر ۾، ڳوٺ گل محمد جاگيراڻي، لڳ ميان شاهل محمد، تعلقي قمبر ۾ ٿيو. مئٽرڪ 1984ع ۾ گورنمينٽ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان، انٽر 1986ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ گريجوئيشن شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس سان خانگي طرح ڪيائين.
سرتاج جي شاعريءَ ۾ سادگي، نفاست ۽ حساسيت جو خوبصورت امتزاج ملي ٿو. فني ۽ فڪري طرح پختي آهي، جنهن ۾ پيار جي ذڪر سان گڏ سماج جي فرسوده روايتن جي نندا شامل آهي. سندس شاعريءَ جا ٽي ڪتاب: (1) ’سپني ۾ سنسار‘ (2001ع)، (2) ’اکين جي شهر ۾‘ (2010ع) ۽ (3) ’درد جو هجوم‘ (2013ع) ڇپجي چڪا آهن.
سرتاج جاگيراڻي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچيءَ جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو ڪائونسلر به رهي چڪو آهي. عملي زندگيءَ ۾ هي سنڌ پوليس ۾ سب انسپيڪٽر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.11.15  عيسوي

سنڌ جي نوجوان شاعر سرتاج جاگيراڻيءَ جو جنم 15 نومبر 1966ع تي محمد نواز جاگيراڻيءَ جي گهر ۾، ڳوٺ گل محمد جاگيراڻي، لڳ ميان شاهل محمد، تعلقي قمبر ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ليلارام سيتائي شاعر
پلي مل محمود
احمد شاڪر
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
الهه رکيو سانگي
تنوير عباسي ڊاڪٽر
غلام مصطفي سولنگي 1
الهه رکيو سانگي
شاهه غلام عباس
سرڪش سنڌي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون